مصنوعي خُوشبوئن جي آلودگي

0
135
مصنوعي خُوشبوئن جي آلودگي

 سيمنس نيشنل ڪنزيومر سروي (NHCS) جي هڪ رپورٽ جي مطابق، گھٽ ۾ گھٽ 298.7 ملين آمريڪن “ڊيوڊورنٽس” يا پرفيوم يعني عطر ۽ ٻيون مصنوعي خوشبوئون استعمال ڪن ٿا. 2024 ۾، خوشبوئن جا صارفين 306.04 ملين تائين وڌي ويندا.واضح رهي ته: ڊيورينٽس اهڙا مادا آهن جيڪي جسم مان نڪرندڙ مختلف قسم جي پاڻياٺ جي بدبوءِ کي روڪڻ يا مٽائڻ لاءِ جسم تي لڳايا ويندا آهن. پر جڏهن اسان انهن مصنوعات کي اسپري ڪريون ٿا ته آخرڪار اهي مادا ڪيڏانهن هليا ويندا آهن؟ ڇا اهو اسان جي جسم تي سدائين رهن ٿا؟ جي نه ته، پوءِ اهو ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ انهن جي آخري منزل ڪهڙي آهي؟ سو اچو ته گهر جي اندر خوشبوءِ جي ڪري پيدا ٿيندڙ فضائي آلودگي بابت ڪجھه معلومات حاصل ڪريون.

                 سڀ کان پهرين ان ڳالهه جو جائزو ٿا وٺون ته، “خوشبو” يا “خوشبودار مصنوعات” پنهنجي طور تي آهن ڇا؟مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ الڳ الڳ خوشبوئون ڊزنين مادن تي مشتمل ٿينديون آهن، جنهن ۾ مختلف قسم جا غيرمستحڪم نامياتي مرڪب به شامل ڪيا ويندا آهن. مختلف قسم جي خوشبوئن جي تياري ۾ تقريباً 4 هزار عنصر يا ايليمينٽس شامل هوندا آهن. خوشبودار مصنوعات مان مراد اهڙيون شيون آهن، جيڪي بنيادي طور خوشبو ڦهلائڻ يا ماحول کي خوشبودار بنائڻ جو ڪم ڪنديون آهن. انهن ۾ ايئر فريشنر، ڊيوڊورائڊرز، لانڊري ڊٽرجنٽ، ميڻ بتيون، اگربتيون ۽ ڪولون جهڙيون خوشبودار شيون ان جا ڪي مثال آهن.

هڪ ٻيو اهم سوال اهو آهي ته، ماحوليات لاءِ ڪهڙي نموني ۾ ۽ ڪيتريقدر نقصانڪار آهن.انهي حوالي سان محققن مخصوص توانائي ۽ ڪيميائي پيداوار جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو آهي ته جيئن معلوم ڪري سگھجي ته تيل ۽ قدرتي گيسن سان ڪيتري وي او سيز (وولاٽائيل آرگينڪ ڪمپائونڊس) پيدا ٿين ٿا.  ۽ پرفيوم ۽ ٻين خوشبودار مصنوعات سبب ان ۾ ڪيترو اضافو ٿئي  ٿو؟ انگن اکرن مان ظاهر ٿيو ته خوشبودار شيون گاڏين جي ٻارڻ کان ٻه ڀيرا وڌيڪ نقصانڪار آهن. ان جي معني آهي ته  اها نسبتن اندروني آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي ۽ انهي جو فضائي آلودگي ۾ به حصو آهي.خيال رهي ته وي او سيز يا غيرمستحڪم نامياتي مرڪبات اهڙا نامياتي مرڪبات آهن، جيڪي پڻ گرين هائوس گيسز جيان ئي ماحول کي نقصان رسائڻ جي صلاحيت يا رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي تيزيءَ سان بخارات ۾ تبديل ٿي ويندا آهن،  ۽ هوا ۾ شامل ٿي ويندا آهن. ڪيترين ئي صورتن ۾، ان جو نتيجو اهو ئي آهي جيڪو ٻارڻ جي استعمال سبب نڪري ٿو. جيڪڏهن VOCs بخارات نه نڪرندا هئا، ته اسان عطر، خوشبودار موم بتين، يا ايئر فريشنرز مان نڪرندڙ خوشبوءِ کي محسوس نه ڪري سگهنداسين.هوا ۾ پهرين کان موجود عنصرن جهڙوڪر اوزون وغيره سان شامل ٿي ڪري ايئرفريشنرز سڌي طرح سان وي او سيز ۾ اضافو ڪري سگھن ٿا. مطلب ته ايئرفريشنر جو اخراج قدرتي طور اندروني هوا جي ماليڪيولز جهڙوڪر اوزون سان ملي آلودگي ۾ اضافو ڪري سگھي ٿو. انهيءَ کان سواءِ خوشبو  وارين شين کي ماحول جي آلودگي جو هڪ سبب قرار ڏنو ويو آهي.

ان کان سواءِ اهڙين خوشبودار شين ۾ شامل جزن کي انهن جي ليبلن تي يا ٻئي ڪنهن نموني سان ظاهر ڪرڻ جي به ضرورت نه محسوس ڪئي ويندي آهي، جيڪي فضائي گدلاڻ جو اهم سبب آهن ۽ ڇاڪاڻ ته ان ۾ موجود جزن بابت ڪا به معلومات نه هوندي آهي، تنهنڪري انهن جو استعمال بي قابو ۽ انڌو نقصان ڪندڙ آهي.  ان جا انساني صحت تي منفي اثر پڻ پون ٿا. ايئرفريشنر سان انسانن جو واسطو فڪر ۽ نقصان جو سبب آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اهڙا مادا شامل آهن، جيڪي صحت لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري سگھن ٿا. محققن مطابق ايئرفريشنر ۾  موجود مرڪبن جو تجزيو ڪيو ويو ته خبر پئي ته ان ۾ اهڙا جزا به شامل آهن، جيڪي ڪينسر جو سبب بڻجي رهيا آهن. تنهنڪري اهو ٻڌائڻ جي ڪا خاص ضرورت به نه آهي ته آبادي جو هڪ وڏو حصو انهن خوشبودار شين جي استعمال سبب مختلف مسئلن ۽ مرضن جو شڪار ٿي رهيو آهي. هتي اسان ڪجھه مسئلن جي فهرست پيش ڪري رهيا آهيون جيڪي خوشبودار شين جي استعمال سبب پيدا ٿين ٿا: ڪئنسر: صحت جي عالمي اداري طرفان ڪئنسر جي تحقيق لاءِ بين الاقوامي اداري طرفان جن مادن ۽ جزن کي ڪئنسر جو سبب ڄاڻايو ويو آهي، انهن مان هڪ مادو فارمل ڊي هائڊ ڪن خوشبن ۾ به شامل ڪيو ويندو آهي.مٿي جو سور ۽ ميگرين: جيڪڏهن توهان کي بنا ڪنهن سبب جي بار بار  مٿي جو سور يا اڌ مٿي جو سور ٿئي ٿو ته ان جو سبب به خوشبو واريون شيون ٿي سگھون ٿيون. مٿي جي سور ۽ اڌ مٿي جي سور لاءِ ڪن ايئرفريشرنرز، فيبرڪ سافٽنر ۽ ٻين اهڙين مصنوعي خوشبوئن کي قرار ڏئي سگھجي ٿو. دم يا الرجي: گھڻن سارن ماڻھن کي خوشبن سان الرجي به  هوندي آهي ٻئي طرف ڪيترن ئي ڪيميائي مادن جي حساسيت وارا ماڻھو انهن جي ڪري تڪليف محسوس  ڪن ٿا. اهڙن مادن جي ڪري کين کنگھه، نڇن، اکين جي سوڄ ۽ ساھه جي نالي ۾ سوزش جي تڪليف ٿي سگھي ٿي. انهن ڳالھين مان خبر پوي ٿي ته توهان جو جسم انهن شين جي خلاف مزاحمت ڪري رهيو آهي يا ردعمل ڏيکاري رهيو آهي.

بهرحال خوشبن جو استعمال هڪ ثقافتي ۽ روايتي معاملو آهي تنهنڪري ضروري آهي ته انهي سلسلي ۾ صارف پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪري ۽ اهڙيون شيون استعمال ڪري جن سان گھٽ نقصان ٿئي يا بنهه نه ٿئي. ۽ ان جو استعمال پڻ محدود نموني ڪري. جڏهن ته انڊور ۽ آئوٽ ڊور ٻوٽا پوکي انهن جي نقصان تي قابو پائڻ جي  ڪوشش ڪرڻ به ضروري آهي. ان سان جيتوڻيڪ آلودگي ختم نه به ٿي، تڏهن به گھٽ  ضرور ٿي سگھندي. ان سلسلي ۾ هيٺ ڪي صلاحون پڻ پيش ڪجن ٿيون: سڀ کان اول خوشبو جي ذريعي جو خاتمو آندو وڃي. ان کان سواءِ کڙڪيون يا اگزاسٽ فين آن ڪري وينٽيليشن ۾ اضافو ڪيو وڃي. باقاعدگي سان صفائي ۽ ويڪيومنگ جو بندوبست ڪيو وڃي. ۽ ضرورت پوي ته هوا صاف ڪرڻ وارا اوزار استعمال ڪيا وڃن. اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته عطر ۽ ايئرفريشنر وغيره جهڙيون خوشبودار شيون ماحوليات کي نقصان پهچائڻ جو هڪ وڏو ۽ مکيه سبب بڻيل آهن، اسان سڀني کي انهن حقيقتن بابت ڄاڻڻ گھرجي ۽ ٻين ماڻھن ۾ ان بابت شعور ۽ تعليم ڦھلائڻ گھرجي ته خوشبودار شيون به فضائي گدلاڻ جو وڏو سبب بڻيل آهن، تنهنڪري انهن جي استعمال کا پرهيز يا گھٽ ۾ گھٽ ان استعمال ۾ احتياط ڪرڻ گھرجي.