لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  رتيديري جي ڳوٺ لاشاري جي رهواسي نوجوان انيس لاشاري پنهنجي وارثن مظهر علي، صفدر علي، عديل ۽ دعا بتول لاشاري سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2013ع ۾ ماسترياڻي مصرت بيبي ابڙو کي نوڪري لاءِ 6 لک  50 هزار ڏنا. هن چيو ته ٻيا به آرڊر آهن ضمير ۽ افشان لاشاري جي پرائمري استاد نوڪرين لاءِ 13 لک روپيا ڏنا جنهن اسان کان ساڍا 19 لک روپيا وٺي سال 2008ع جا ڪوڙا آرڊر ڏنا جنهن تي مون ڪراچي جي بن قاسم اسڪول ۾ جوائننگ لاءِ ويس جتي اسڪول وارن آرڊر کي جعلي قرار ڏيندي مون کي موٽائي ڇڏيو، مصرت ابڙو خلاف ڪارروائي ڪري پئسا واپس ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي.