راڻيپور (ن پ ا) کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ذاڪر سهتو ايوب ڪانڌڙو سميت  قومي ڪارڪنن  جي آزادي لاءِ سياسي سماجي اتحاد پاران باب دستگير گيٽ ڀرسان  قومي شاهراهه تي 24 ڪلاڪن جي احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ  اڄ 24 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ ختم ڪئي وئي. کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن  ذاڪر سهتو، ايوب ڪانڌڙو سميت گم ڪيل قومي ڪارڪنن  جي آزادي لاءِ سياسي سماجي اتحاد پاران باب دستگير گيٽ ڀرسان  قومي شاهراهه تي 24 ڪلاڪن جي احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ  24 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ ختم ڪئي وئي. بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ڊاڪٽر نذير کوکر، نور الله تنيو، مجيب آزاد ڀيلار،  شوڪت گهانگهرو، امداد لاڙڪ، الفت سهتو، عامر انصاري ۽ روشن لغاري ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان ذاڪر سهتو، ايوب ڪانڌڙو سميت قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو نه رڪجي سگهيو آهي سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آھي هتي ڌاريا آباد ڪيا وڃن ٿا پر سنڌ ڄاوا گم ڪيا وڃن ٿا، سڀني قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪري سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي.