لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسئيشن طرفان سنڌ حڪومت جي سهڪار سان سنڌ انٽر اسڪول ڪرڪيٽ چئمپين شپ 2022 جي شروعات پوليس ٽريننگ اسڪول جي گرائونڊ تي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي 8 تعليمي ادارن گورنمينٽ سچل ھاءِ اسڪول، گورنمينٽ پائليٽ ھاءِ اسڪول، گورنمينٽ ميونسپل ھاءِ اسڪول، گورنمينٽ ديني مدرسه ھاءِ اسڪول، زيبسٽ ڪاليج، ڪيڊٽ ڪاليج، گلوبل سائنس ڪاليج ۽ عبدالحئي پبلڪ اسڪول جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.  پهرين ميچ ھاءِ اسڪول سچل ڪالوني ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي وچ ۾ ٿي، سچل ھاءِ اسڪول جي ٽيم پهرين کيڏندي 25 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 202 رنسون ٺاهيون. عظيم بگٽي 42 ۽ محمد عرس 32 رنسون ٺاھي نمايان رھيا.  جواب ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي ٽيم ٽارگيٽ 12 اوورن ۾ فقط 78 رنسون ٺاھي ڍير ٿي وئي. کٽيندڙ ٽيم جي بالرن سرفراز مغيري 4 اوورن ۾ 20 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون، دائود عمراڻي 2 اوورن ۾ 18 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ۽ سلطان احمد 4 اوورن ۾ 22 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. فاتح ٽيم جي ڪپتان سرفراز مغيري کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.