ميلبورن ( اسپورٽس نيوز ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان جو اهم فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي هڪ ڀيرو وري  انجري جو شڪار ٿي ويو  آهي. شاهين  فائنل مقابلي جي16 هين ۽ پنهنجي ٽئين اوور جو هڪ بال هلائي ميدان مان ٻاهر هليو ويو. شاهين شاهه شاداب خان جي بال تي هيري بروڪ جي ڪيچ وٺندي زخمي ٿي پيو، جنهن بعد ميڊيڪل ٽيم کي کيس ميدان کان ٻاهر وٺي وئي. واضح رهي ته شاهين شاهه آفريدي هلندڙ سال جولاءِ ۾ سريلنڪا خلاف گال ٽيسٽ ۾ به زخمي ٿي پيو جنهن سبب هو ايشيا ڪپ، انگلينڊ خلاف هوم سيريز سميت نيوزلينڊ ۾ ٿيل ٽي ملڪي سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهيو ۽ ٻن مهينن کانپوءِ  هو انگلينڊ ۾ ري هيب پروگرام مڪمل ڪري هڪ ڀيرو وري ٽيم ۾ شامل ٿيو.