لاڙڪاڻو ( رپورٽ نادر ابڙو )لاڙڪاڻي ۾ منافعي خور واپارين روز مرهه جي شين جا اگهه هٿرادو وڌائي ڇڏيا آهن. فارمي ڪڪڙ جو گوشت 550 کان 600 سو ڪلو، وڏو گوشت 800 ٻاڪرو گوشت 1500 مڇي 600 سو کان 700سو رپيا ڪلو ڀينڊيون 180 رپيا ڪلو هنداڻو 120 رپيا ڪلو  گدرو 100 رپيا ڪلو نارنگيون 300 سو رپيا صوف 400 رپيا ڏاڙهون 800 رپيا ڪلو کارڪون 600 رپيا ڪلو ڪيلا 200 رپيا درزن چڪون 200 رپيا ڪلو کنڊ 100 رپيا ڪلو اٽو 150 چانور من 170 سڄا چانور 280 رپيا ڪلو گيهه 550 دال مڱ 280 رپيا دال ماش 410 رپيا ڳاڙها مرچ 600 رپيا ڪلو گوبي 90 رپيا توري 140 رپيا گوبي 120  ٽماٽا 120 پٽاٽا 50 ڪريلو 80 بصر 100 رپيا ڪلو وڪامجڻ لڳا.  ان سلسلي ۾ شهرين نظام الدين شيخ، نظر محمد مڱريو، اياز حسين جعفري، جميل احمد گاد جو چوڻ هو ته واپارين روز مرهه جي استعمال ٿيندڙ شين جا هٿرادو اگهه وڌائي پورهيت طبقي کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي.ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته روز جي بنياد تي بازارن ۾ وڃي اگهه چيڪ ڪيا ويندا آهن جنهن به دڪاندار جي شڪايت ملندي آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي.