ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر  ۾عارضي لاٿ: 286 رپين تي پهتو: سون 1000 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  1000 رپين جي اضافي سان 204600 مان 205600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي  مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالرن جي اضافي سان 1957 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، ٻئي طرف چاندي 2240 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن  ڊالر  اوپن مارڪيٽ  ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 287 مان 286  ۽ انٽر بينڪ ۾ 3 پئسا گهٽتائي سان 283.55 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف  پائونڊ 2 رپيا اضافي سان 349 مان 351 ۽ يورو هڪ رپيو واڌ سان 307.5 مان 308.5 رپيا ٿي ويا.