لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڌامراهه ۾ گهر اندر خراب پکي جي مرمت دوران بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڌامراهه واسي نوجوان غفران پٽ محمد پريل ڌامراهه بيهوش ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي علاج دوران نوجوان فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان وارث روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان گهر اندر خراب پکي جي مرمت ڪري رهيو هو جنهن دوران بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هو بيهوش ٿيو کيس فوري طور چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي هو علاج دوران فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو