خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي انتظاميا شهر اندر انڪروچمينٽ ختم ڪرڻ بدران انڪروچمينٽ کي قانوني شڪل ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا شهر جي ڪاروباري ۽ مصروف ترين علائقي پنجگلا چوڪ ڀرسان قائم موبائل مارڪيٽ ٻاهران بيهندڙ ريڙهن وارن ۽ موٽرسائيڪلون بيهاريندڙن تي في مقرر ڪري ڇڏي. جڏهن ته في ادا نه ڪندڙ موٽرسائيڪلن جي ٽائرن مان هَوا ڪڍي وڃي ٿي اڪثر ڪري ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا ۽ موٽرسائيڪلون بيهاريندڙن ۾ في نه ڏيڻ جي معاملي تان جهيڙا پڻ ٿين ٿا. هوڏانهن خيرپور جي شهرين ۽ سماجي اڳواڻن ميونسپل انتظاميا جي اهڙي عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ميونسپل انتظاميا شهر جي ڪاروباري ۽ مصروف ترين علائقي پنجگلا چوڪ تي انڪروچمينٽ ختم ڪرڻ بدران هٿ سان انڪروچمينٽ ڪرائي رهي آهي، شهرين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجگلا چوڪ وٽان انڪروچمينٽ ختم ڪرائي شهرين لاءِ آساني پيدا ڪئي وڃي.