لاهور ۾ 240 ڪلو وزني عورت جو ڪامياب آپريشن

0
216

ڪراچي(م ڊ) لاهور جي نجي اسپال ۾ 240 ڪلو وزن واري عورت جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ داخل ليه جي رهائشي رشيده بي بي ٻڌايو ته هو اسڪول ٽيچر آهي پر ٿولهه جي ڪري هن کي اسڪول ڇڏڻو پيو ڇو ته هو 12 سالن کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي، رشيده بي بي جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر معاذ جو چوڻ آهي ته پهرين دوائن جي ذريعي رشيده بي بي جو 12 ڪلو وزن گهٽ ڪيو ويو، پوءِ آپريشن ڪري هن جو معدو ننڍو ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر معاز جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کانپوءِ رشيده بي بي جو وزن 50 ڪلو تائين گهٽجي ويندو، رشيده بي بي جي پوري فيملي ٿولهه جو شڪار آهي ۽ هن جي پٽ جو به آپريشن ٿي چڪو آهي.