سجاد جتوئي

علم جي حوالي سان دنيا ۾ ٻن قسمن جون مکيه فيلڊون آهن، هڪڙي سائنس ٻي آرٽ . هر قسم جي علم کي هنن ٻن فيلڊن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پوءِ اهو ڪھڙي به قسم جو علم ڇو نه  ھجي. مثال طور رياضي، حياتيا،, ڪيمياگري، شاعري ،راڳ وغيره ۽ علم جون ٻيون سڀ شاخون يا ته سائنس جي ڪيٽيگري ۾ اينديون يا وري آرٽ جي ڪيٽيگري ۾.
ھن وقت اھا ڳالهه ته صفا واضح ٿي چڪي آھي ته سائنس ترقي ۾ آرٽ کان گھڻو اڳتي نڪري وئي آھي. پوين ڪجهه صدين  ۾ سائنس ايتري ته ترقي ڪئي آھي جو جيئڻ جا طور طريقا به مٽجي ويا آھن. اڳي جن ڪمن ۾ ورھيه لڳندا ھئا سي ھاڻي سيڪنڊن ۾ ٿي ٿا وڃن. ھڪ طرف سائنس آھي جنھن ايتري ترقي ڪئي آھي ٻئي طرف آرٽ جنھن ۾ تنزلي نظر ٿي اچي ۽ جيڪو  اسان جي ڪوتاھي جي ڪري ڏينھون ڏينھن پنھنجو قدر وڃائيندو ٿو وڃي. ايئن بلڪل به نه آھي ته آرٽ جي اھميت يا وجود صفا ختم ٿي ويو آھي. ھينئر به  اسان وٽ آرٽسٽ پيدا ٿين ٿا. ملڪي سطح توڙي صوبائي سطح تي کوڙ سارا آرٽسٽ آھن جن اداڪاري، ڳائڻ ، چترڪاري ۽ ٻين فيلڊن ۾ پنھنجن وسيلن جي آڌار تي نالو ڪمايو آھي پر اصل ڳالهه اھا آھي تي ھتي ڪنھن نئين آرٽسٽ لاءِ اھڙو پليٽ فارم ئي ميسر نه آھي جنھن تي ھو پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري سگھي. رقي يافتا ملڪن ۾ آرٽ تي وڌيڪ ڌيان ڏنوٿو وڃي ترقي پذير ملڪن جي ڀيٽ ۾. آرٽسٽن کي پنھنجي فن جي نمائش لاءِ پليٽ فارم مھيا ٿا ڪيا وڃن ۽ انھن جي ھمت افزائي ڪئي ٿي وڃي.پر اسان وٽ نه ڪي خاص پليٽ فارم آھن نه وري ماڻھن جي اڪثريت فنڪارن،چترڪارن، مصورن وغيره جي حوصلا افزائي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. بطور آرٽسٽ زندگي گذارڻ تمام ڏکي آھي. ھڪ عام آرٽسٽ جي معاشي حالت تي نظر وجھو، توھان جي سامھون تصوير چٽي ٿي ويندي ته ھتي آرٽسٽ جو ڪيترو قدر آھي ۽ ھو ڪيترين مشڪلاتن ۾ آھن. فيس بوڪ تي وائرل ٿيل سوڍل فقير جي ويڊيو ھن ڳالھه کي بيان ٿي ڪري ته اسان پنھنجي آرٽسٽن جو قدر ناھي ڪيو. سوڍل فقير ھڪ مشھور ثقافتي راڳي ھوندي به غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. سوڍل فقير ته وري به نالي وارو راڳي آھي. ٿورو سوچيو ته انھن جي ڪھڙي حالت ھوندي جيڪي سوڍل جيترا مشھور ناھن. فقط ھڪڙو سوڍل ئي غريب نه آھي، سنڌ ۾ رھندڙ ٻيا کوڙ سارا فنڪار به سوڍل جيان غربت ۾ زندگي گذاري رھيا آھن ۽ اھي به سوڍل فقير جيان مالي سھائتا جا منتظر آھن.
آرٽسٽ آرٽ جا تخليقڪار آھن ۽ آرٽ انساني احساسن ۽ جذبن کي شڪل ڏي ٿو ۽ جذبن کي بيان ڪرڻ لاءِ ذريعي طور ڪم اچي ٿو. اھڙي طرح آرٽ زندگي جا نوان پاسا ڏيکاري ٿو.  ان کان علاوه آرٽ زندگي ۾ رنگ ڀري ان کي خوبصورت بڻائي ٿو. اھڙي طرح جيڪڏهن آرٽسٽن جو قدر نه ٿيندو ته آرٽ جي واڌ ويجهه   رڪجي ويندي ۽ ان ۾ ڪا به ترقي نه ٿيندي. تنھنڪري اسان تي  لازم آھي ته پنھنجن آرٽسٽن جو قدر ڪريون ۽ انھن جا معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪريون. ھن جديد زماني ۾ ھڪ عام ماڻھو بغير ڪنھن مسئلي ۽ پريشاني جي ھنن جي مدد ڪري سگھي ٿو. مثال طور جيڪڏهن ڪنھن ماڻهوَ کي سمارٽ فون آھي ته ھو سوشل ميڊيا خاص طور تي فيس بوڪ ۽ يوٽيوب جي مدد سان وڏي سولائي سان انھن جي مدد ڪري سگھي ٿو. ھو انھن جي پنھنجن فيس بوڪ پيجن ۽ يوٽيوب جي چينلن تي وڃي انھن جا ويڊيوز ڏسي انھن کي سپورٽ ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه حڪومت کي به آرٽسٽن جي سار سنڀال لھڻ گھرجي ۽ انھن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ گھرجن.