لاهور جي علائقي هنجروال مان گُم ٿيل 4 ٻارڙيون ساهيوال مان ھٿ

0
183
هنجروال کان لاپتا ٿيل 4 ڇوڪرين

لاھور (بيورو رپورٽ) لاهور جي علائقي هنجروال مان گُم ٿيل 4 نينگريون ساهيوال مان بازياب، ساهيوال پوليس چئني نينگرين کي لاهور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، چارئي نينگريون 5 ڏينهن اڳ گُم ٿي ويون هيون، پوليس رڪشا ڊرائيور ۽ ٻن عورتن سوڌو 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته رڪشا ڊرائيور هڪ گروهه سان ملي نينگرين کي وڪرو ڪرڻ پئي گهريو، رڪشا ڊرائيور چئني نينگرين کي ورغلائي ساهيوال وٺي ويو هو، کين ساهيوال ۾ فحاشيءَ جي اڏي تي وڪرو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو، ٻارڙيون بهتر زندگي جا خواب ڏسي رڪشا ڊرائيور سان گڏ ويون هيون.