ڄامشورو ۾ هٿياربندن جي گهر تي حملي ۽ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

0
255
ڄامشورو ۾ هٿياربندن جي

ڄامشورو (ن پ ا) ڄامشورو ۾ هٿياربندن جي گهر تي حملي ۽ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل، ڄامشورو پوليس گهر ڌڻي لياقت سومرو جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا، گهر تي حملي، ڌاڙي ۽ دهشتگردي جا قلم شامل، قادر بخش ٻرڙو، علي جان ابڙو، محمد حسين جکراڻي، نور احمد ابڙو ۽ علام قادر جکراڻي جوابدار طور نامزد، واپڊا ڪالوني ۾ هٿياربندن گذريل ڏينهن هڪ گهر تي حملو ڪري گهرڀاتين کي يرغمال بڻايو هو، پوليس ڳالهين ذريعي يرغمالين کي بچايو ۽ 5 هٿياربندن کي گرفتار ڪري ورتو هو، جوابدارن کي اڄ حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.