لاهور۾ گهريلو ملازمت کان تنگ اچي لاڙڪاڻي پهتل نينگريون وارثن حوالي

0
243

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاهور ۾ گهريلو ملازمت کان تنگ اچي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو مزار تي پهچندڙ ٻن نينگرين کي سندن وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پوليس نارين جي وارثن سان رابطو ڪري کين گهرايو ويو، 13 ورهين جي شازيه کي پنهنجي چاچي عبدالستار ۽ 10 ورهين جي آمه کي سندن والد دلدار شيخ جي حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس والدين کي پابند ڪيو ته اڳتي نينگرين کي ڪڏهن ته گهريلو ملازمت جي لاءِ نه موڪليندا.