لاهور (م ڊ) انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف لانگ مارچ تي روزانو 43 لک رپيا خرچ ڪري ٿي، ذريعن موجب مارچ جي ڪوريج پلان تي روزانو 13 لک رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، ڪوريج سيٽلائيٽ، انٽرنيٽ ۽ ڊي ايس اين جيز ذريعي ڪئي پئي وڃي ۽ لاهور ۾ اڻڄاتل هنڌ تي لائيو ٽرانسميشن سسٽم لڳايو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2 سائونڊ سسٽم تي 5 لک، جنريٽر جي ٻن ٽرڪن تي 3 لک، سڪيورٽي، آپريشن اسٽاف، بينر، بل بورڊ، ٽرانسپورٽ تي 10 لک رپيا خرچ ٿي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ جي پنجين ڏينهن تائين 2 ڪروڙ 15 لک رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، 7 ڏينهن جي ميڊيا ڪوريج لاءِ سيٽلائيٽ سسٽم لاءِ سوا ڪروڙ رپيا رکيا ويا، جيڪڏهن لانگ مارچ کي هڪ هفتو وڌايو ويو ته خرچ به ٻيڻو ٿي ويندو. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ گوجرانوالا پهچي ويو آهي ۽ لانگ مارچ جو اڄ پنجون ڏينهن آهي.