اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قومي اسيمبلي جي 7 تڪن تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، ن ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر علي گوهر بلوچ پاران اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عمران خان کي توشا خانا ريفرنس ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي، نااهلي کان پوءِ هو موجوده اسيمبلي جو ميمبر نه ٿو ٿي سگهي، نه ئي اليڪشن وڙهڻ جو اهل آهي، جمع ڪرايل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان جي ڪنهن به سيٽ تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪري.