قمبر واسي پورهيت پاڪ ڪتاب کڻي سردار چانڊيو خلاف عدالت پهچي ويو

0
293

دادو (ن پ ا) قمبر جي ڳوٺ وسايو چانڊيو جي رهواسي اشرف گلزار چانڊيو پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو خلاف معصوم ٻارن سوڌو پاڪ ڪتاب کڻي دادو جي عدالت پهچي ويو، جتي کيس اهلڪارن پيرسن کي عدالت احاطي ۾ وڃڻ کان روڪي ورتو، ان موقعي تي سردار چانڊيو به موجود هو جيڪو ام رباب جي والد، ڏاڏي چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ آيل هو، ڳوٺاڻي اشرف گلزار چانڊيو دانهون ڪندي چيو ته 2010 ۾ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو کي 340 جريب زرعي زمين 69 لک 20 هزار ۾ وڪرو ڪري ڏني، ان مان 27 لک روپيا مليا باقي 42 لک روپيا رهيل آهن، 11 سالن کان سردار چانڊيو پئسا نه ٿو ڏيئي ۽ پئسا گهرڻ تي ڌمڪيون ٿو ڏيئي، چڪرائي اڄ هن جي حاضري جو ٻڌي ڪورٽ پهتو آهيان، خدارا سردار چانڊيو کان رقم ڏياري انصاف ڪيو وڃي.