قرنطينا ۾ اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ڪراچي ڪنگز جو ڪوچ وسيم اڪرم بيزار ٿي پيو

0
498

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ڪراچي ڪنگز جو ڪوچ وسيم اڪرم بائيو سيڪيور ببل ۾ ٿڪجي پيو آهي ۽ بوريت محسوس ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ هن عوام کان راءِ طلب ڪئي آهي ته هاڻ ڇا ڪريان. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هتي آئسوليشن ۾ هي ٽيون ڏينهن آهي ۽ آئون نيٽ فلڪس، پرائم ۽ ٽي وي جي ڪيبل تي سموريون شيون ڏسي چڪو آهيان، منهنجو صبر هاڻ ختم ٿيڻ وارو آهي. هاڻ عوام مون کي ٻڌائي ته ڇاڪريان، هر طرح جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي.