پينو فقير جي گهر مان چوري: پوليس هڪ لک 72 هزار واپس ڪرائڻ تي حيران

0
305

ممبئي (دلچسپ نيوز) پينو فقير جي گهر مان چوري، پوليس هڪ لک 72 هزار واپس ڪرائڻ تي حيران ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر بيڙ ۾ هڪ پينو فقير جي چوري ٿي وئي، بابو رائو چوري ٿيل پيسن جي وڏي ڳولا ڪئي پر ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، پينو فقير مجبور ٿي پوليس اسٽيشن پهچي ويو، جتي هن اعليٰ آفيسرن آڏو روئيندي پنهنجي چوري بابت دانهن ڏني، آفيسرن به سندس شڪايت ٻڌي چوري جي واپسي جي خاطري ڪرائي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي سندس چوري ٿيل پيسا موٽرائي ورتا، جيڪي هڪ لک 72 هزار رپيا هئا جنهن تي پوليس حيران ٿي وئي. پوليس موجب پينو فقيروڏي عرصي کان شهرجي مختلف هنڌن تان پني پيٽ گذر ڪندو هو ۽ ملندڙ خيرات جمع ڪندو هو، بابو رائو جي سموري زندگي جي گڏ ڪيل رقم کيس واپس ڪري ڇڏي، ايتري وڏي رقم تي حيرت ۾ پئجي وياسين. ٻئي طرف پينو فقير بابو رائو جو چوڻ آهي ته ننڍپڻ کان وٺي پني رهيو آهيان ڪو والي وارث ناهي انڪري اها رقم وقت ضرورت لاءِ جمع ڪئي هئي.