قاضي احمد (ن پ ا)  قاضي احمد لڳ ڪچي جي علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي ٽيم پوليس جي مدد سان چوڪڙي نمبر 9 ۽ 10 تي آپريشن ڪري ڳري مشينري جي مدد سان زمين آباد ڪرڻ لاءِ جوڙايل پاڻي جا 06 کوهه لٽي سوين ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، ٻيلي کاتي جي عملدارن موجب سکپور، ٺٽ جاگير سميت ٻين ٻيلن جي خالي پيل سوين  ايڪڙ زمين تي بااثر ڌريون زبردستي هر کيڙي قبضا ڪري ڪڻڪ ۽ سرنهن جي پوکائي ڪري رهيا هئا، جنهن تي آپريشن ڪيو ويو، واضع رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڪوٽ ڌڱاڻو، لاکاٽ، اڌڙي ۽ ترڇي ۾ قبضا ڪري وڻن جي واڍي ڪئي وئي هئي، ٻئي طرف سرڪاري ٻيلي ڪوٽ ڌڱاڻي مان غير قانوني طور قيمتي سرڪاري وڻ وڍڻ جي مبينا الزام هيٺ لاکاٽ ٿاڻي تي فاريسٽ گارڊ محمد حسين راهو جي فرياد تي 07 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ محمد عرس جتوئي، محمد حسين جتوئي، يار محمد مھر، سرفراز قريشي، شفيع محمد مري، پانڌي خان پٺاڻ ۽ احمد نواز پٺاڻ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فاريسٽ عملدارن ڪيس داخل ڪري ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.