حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد تعلقي جي اڳوڻي مختيارڪار معظم شر نوراني نگر واري علائقي ۾ قائم هڪ پلاٽ جي مبينا طور ستين فارم تي ڪوڙي داخلا رکي سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته پلاٽ نمبر 30/31 جي ستين فارم ۾ اشفاق احمد پٽ محمد اسحاق نالي شخص جي ڪوڙي داخلا رکي کيس سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو جڏهن ته پلاٽ جي اصل مالڪ هاڻوڪي مختيارڪار کي درخواست ڏني جنهن تي هن رڪارڊ چيڪ ڪيو ته ان دوران انڪشاف ٿيو ته ڄاڻايل داخلا جعلي طريقي سان رکيل آهي ان ڪري سيل سرٽيفڪيٽ کي ڪوڙو سمجهيو وڃي جڏهن ته مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي اها داخلا ڪينسل ڪرڻ لاءِ سب رجسٽرار قاسم آباد کي پڻ ليٽر لکيو آھي ته ڄاڻايل پلاٽ جي مذڪوره داخلا ڪوڙي آھي ان ڪري ان سيل سرٽيفڪيٽ جي آڌار تي وڪري بابت رجسٽري نه ڪئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر غلام رسول پنهور ۽ اڳوڻي مختيارڪار معظم شر ملي ڀڳت ڪري 19 کان وڌيڪ سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا جن جي پڻ مختيارڪار پاران جاچ هلندڙ هئي تنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي جنهنجي بنياد تي 2 ڏينهن اڳ مختيارڪار ماجد خاصخيلي کي بدلي به ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو چيو ته ان معاملي بابت اڃا تائين ڪنهن به ماڻهو کين لکت ۾ درخواست نه ڏني آهي. جيڪڏهن درخواست ملي ته هو ان معاملي جي جاچ ڪندا.