فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ سپاف پاران جونيئر فقير اقبال هيسباڻي ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن عالم شر، حبيب سانگي ۽ زين علي صحافين سان ڳالهائيندي چيوته جونيئر فقير اقبال هيسباڻي ۽ سندس ساٿين خلاف لطيف يونيورسٽي انتظاميه ڪوڙا دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪرايو آهي، جيڪو عمل غلط آهي. هنن چيوته لطيف يونيورسٽي انتظاميا شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي جنهن سان شاگردن جي تعليم تباهه ٿي ويندي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته لطيف يونيورسٽي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري شاگردن مٿان داخل ڪيس ختم ڪري انهن کي آزاد ڪرايو وڃي.