سکر(بيورو رپورٽ) روهڙي ويجهو علي واهڻ جي رهواسي محمد رمضان جسڪاڻي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارڙن سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي پنهنجي ڀائرن خلاف دانهيندي الزام مڙهيو آهي ته ڀائر بلاجواز گهرواري تي تشدد پيا ڪن منع ڪرڻ تي هنن مون کي به تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي۔ اهڙي دانهن پوليس کي به ڏني آهي پر ڪو تدارڪ ناهي ٿيو۔ هن شديد گرمي ۾ ڪيڏانهن ٻچن کي وٺي وڃان۔ هن ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي ڀائرن کان گهرواپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي۔