خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس ڪارروائي ڪري بدنام ڏوهاري وزير ناريجو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا. پوليس پڌرائي موجب فيض محمد ناريجو ٿاڻي جي ايس ايچ او جهانگير علي چانڊيو ڳجهو اطلاع ملڻ بعد پوليس ٽيم سان گڏجي ڪارروائي ڪري بدنام ۽ سرگرم ڏوهاري وزير علي ناريجو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف هٿ ڪري ورتي. پوليس موجب گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچَ ڪئي پئي وڃي.