فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس: آءِ بي ۽ پيمرا کانپوءِ وفاقي سرڪار پاران به درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

0
222

آءِ بي ۽ پيمرا کانپوءِ وفاقي سرڪار به فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ نظرثاني جي درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اڄ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندي، 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس امين الدين به شامل، ٻڌڻي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڌرين نظرثاني جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون

SC issues detailed verdict in Faizabad Dharna case

اٽارني جنرل وفاقي سرڪار طرفان به نظرثاني درخواست واپس وٺڻ واري فيصلي جي تصديق ڪري ڇڏي، وفاق پاران نظرثاني جي درخواست دفاع واري وزارت ذريعي داخل ڪرائي وئي هئي

اٽارني جنرل عثمان منصور چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ نظرثاني جي درخواست واپس وٺي رهيا آهيون

فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو هو ته ڳجهن ادارن کي اظهارِ راءِ جي آزاديءَ کي نه دٻائڻ گهرجي، فيصلي ۾ چيو ويو هو ته انٽيليجنس ادارن جو ڪردار ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻيل ڌرين تي نظر رکڻ هجڻ گهرجي