حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جا 10 آفيسر بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. اهي آفيسر 60 ڏينهن لاءِ ڪمپنين ۾ مقرر ڪيا ويا آهن ۽ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 48 ڪلاڪن اندر لاڳاپيل ڪمپنين کي رپورٽ ڪن. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ اهي آفيسر گريڊ 17هين جا آهن جيڪي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت جي ڪيبينٽ سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ جن آفيسرن کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ مقرر ڪيو ويو آهي تن مان آءِ سي ٽي جي آفيسر محمد جاويد ارشاد ڀٽي کي ايسڪو، رفيعه قيوم کي فيسڪو، محمد مرتضيٰ کي ميپڪو، سارا لنواني کي ليسڪو، ماهم مشتاق کي جيپڪو، محمد شهزاد احمد کي حيسڪو، محمد احمر علي کي سيپڪو، حمود الرحمان کي ڪيسڪو، محمد هاشم عظيم کي پيسڪو ۽ محمد وقاص مسعود چوڌري کي ٽيسڪو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جن آفيسرن کي ڄاڻايل ڪمپنين سان مقرر ڪيل مدي تائين سلهاڙيو ويو آهي تن کي پگهارون ۽ ٽي اي ڊي ايز لاڳاپيل صوبائي حڪومتون ادا ڪنديون.