پشاور(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عورتن دهشتگردي خلاف ڊگهي جنگ سبب بي شمار چيلينجن کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ عورتن ملڪي ترقي ۾ مثبت ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آحي،ملڪي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار نهايت اهميت رکي ٿو. اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سپهه سالار چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ امن لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون وڌائڻو پوندو، پاڪ فوج خيبرپختونخواهه جي ترقي ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.