فياض شاهه کي پروٽوڪول ڏيندڙ ايس ايڇ او راڻيپور معطل

0
342

تازه ترين: فاطمه قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه کي پروٽوڪول ڏيندڙ ايس ايڇ او راڻيپور معطل ٿي ويو آهي

ايس ايڇ او بچل قاضي جوابدار فياض شاهه کي پوليس وين جي فرنٽ سيٽ تي ويهاري ۽ موبائيل فون هٿ ۾ ڏئي حيدرآباد جي عدالت آڏو پيش ڪيو

ٽائيم نيوز تان خبر ۽ وڊيو نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ايس ايڇ او راڻيپور کي معطل ڪري ڇڏيو

راڻيپور جي حويلي ۾ ماريل ٻارڙي فاطمه جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل صفدر ڪناسرو جو چوڻ آهي ته اسان دانهون ڪندا رهيا آهيون ته پوليس جوابدارن کي غير قانوني رعايتون ڏئي رهي آهي

حيدرآباد جي عدالت مان ضمانت جي شوئرٽي رد ٿيڻ بعد راڻيپور پوليس کي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ به فياض شاهه کي گرفتار ڪرڻ گهرجي

هي به پڙهندا

فياض شاهه جي ضمانت واري شوئرٽي رد، پروٽوڪول ۾ عدالت پهتو