ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي گدامن مان ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ چوري واري معاملي جي نيب انڪوائري تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ٻين پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي نيب کان 16 جون تائين انڪوائري مڪمل ڪري اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، نثار کهڙي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نثار کهڙو پرڏيهه (آمريڪا) وڃڻ سبب پيش ناهي ٿيو.