اين ڊي ايم اي جا سمورا مامرا گڙٻڙ آهن:چيف جسٽس

0
295
چيف جسٽس جي ڊي جي سي اي اي کي ڇنڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين ڊي ايم اي جا سمورا مامرا گڙٻڙ آهن، اٿارٽي وٽ اربين رُپيا اچي رهيا آهن، خبر ناهي ته اُها رقم ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي، سپريم ڪورٽ طرفان ڪورونا بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران اين ڊي ايم اي مٿان ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس اين ڊي ايم اي جي رپورٽ تي بي اطميناني ظاهر ڪندي چيئرمين کي قرنطينه سينٽرز جا دورا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته الحفيظ نالي ڪمپني کان اين 95 ماسڪ جي فيڪٽري لڳرائي وئي، فيڪٽري لاءِ مشينري ۽ ڊيوٽيز جي روڪ رقم ادا ڪئي وئي، چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني ذريعي ڇو خريداري ڪئي وئي؟ ڇا سفارتخانو خريداري لاءِ استعمال ٿيندو آهي، سفير جو ڪم خريدار ڪرڻ آهي يا سفارتڪاري ڪرڻ، عدالت اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو