ورڪشاپ (ن پ ا) ھفتو اڳ آرا مشين تي مزدوري ڪندي اوچتو آرا مشين ۾ انهن اچڻ سبب زخمي ٿيل 23 سالا پورھيت رجب علي ابوپوٽو زخمن جي سٽ نه سهندي نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فوتي پورھيت جي وارثن پاران آرا مشين جي مالڪ تي غفلت جو الزام، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي فوتي پورھيت جي پيءُ حيات ابوپوٽو ۽ ڀاءُ نواب ابوپوٽو چيو ته اسان جو نوجوان آرا مشين جي مالڪ جي غفلت سبب فوت ٿيو آھي ھفتو گذرڻ باجود پورھيت جنهن آرا مشين مالڪ وٽ ڪم ڪندو هو ان اسان جي ڪابه مالي مدد نه ڪئي نه ئي وري اسان کان ڪو زخمي جو حال پڇو، ايتري قدر جو ان وٽ لڙي اچڻ جي زحمت به نه ڪئي، اسانجو اڪيلو ڪمائڻ وارو نوجوان ھو اسانجي وس وارن کي اپيل آھي ته مشين مالڪ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسانکي انصاف فراھم ڪيو وڃي. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳو.