فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ويجهو ڳوٺ ولي محمد درياڻي جي ڳوٺاڻن مبينا طور، موٽر سائيڪل ڦر  ڪرڻ جي الزام هيٺ ھڪ ڦورو نالي فراز چانڊيو کي پڪڙي فريدآباد پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. زخمي نياز چانڊيو چيو ته گذريل رات دير سان ماڏو کان پنهنجي ڳوٺ اچي رھيو ھيس ته ٽن موسائيڪل سوار هٿياربندن اڳ وٺي ڌڪ ھڻي موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو رڙين تي ڳوٺاڻن پھچي ڦورن جو پيڇو ڪري ڪاڇي ۾ ھڪ ڦورو نورنگ واسي فراز چانڊيو کي پڪڙي ورتو ڦورو  ٻڌايو ته ساڻس ماجد ۽ ڦٽي چانڊيو به گڏ ھئا.  ٻي طرف الزام هيٺ آيل فراز چانڊيو چيو ته مائٽن کان دڪان جارھيل پئسا گهريا ته ھنن مون کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي.