اڪري چودڳي (ن پ ا) ٽائيم نيوز ٽنڊو ميرعلي جو رپورٽر ۽ پريس ڪلب ٽنڊو مير علي جو صدر عبداللطيف شر آنڊي جي تڪليف سبب لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زير علاج آهي، سندس ڪنهن به سار نه لڌي آهي،  جڏهن ته گذريل  برسات سبب صحافي جو گهر به ڊهي پيو هو، ٻي طرف صحافي جي پٽ  راشد لطيف موجب ته الهه تلهه  کپائي بابا جو علاج ڪرائي رهيا آهيون، سرڪار توڙي صحافي تنظيمن سار ناهي لڌي، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.