اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس اتحادين پاران صدر کي غير آئيني قدم کڻڻ کان روڪڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم سياسي صورتحال تي اجلاس ۾اڳواڻن کي صدر کي خط لکڻ واري معاملي تي اعتماد ۾ ورتو، اجلاس ۾ صدر عارف علوي جو اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط غير آئيني قرار ڏنو ويو، ملڪ جي سياسي صورتحال بابت مشاورتي اجلاس ۾ وزيراعظم چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي، سندس معاملن ۾ ڪا به مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته صدر جو اليڪشن ڪميشن کي خط غيرآئيني آهي، صدر غيرآئيني ڪمن کان پاسو ڪري، اليڪشن ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪندو حڪومت ان تي عمل ڪندي، وزيراعظم چيو ته عوام تحريڪ انصاف جي يو ٽرنز کي سڃاڻي چڪو آهي، جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ٿي وئي، عوام انتشار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت عدالتن جو احترام ڪري ٿي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر عارف علوي اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۽ ڪي پي چونڊن بابت خط لکيو هو ۽ صدر پاران ٻنهي صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن تي وزيراعظم چيو هو ته ڪابينا پاران صدر کي مذمتي خط لکيو ويندو، صدر چونڊ تاريخن جو اعلان ڪري غيرآئيني حرڪت ڪئي آهي.