اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ واري مالياتي ترميمي بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي،  سومر ڏينهن قومي اسيمبلي مان مالياتي بل 2023 جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني وئي هئي،  بل جي منظوري کانپوءِ سيلز ٽيڪس جي شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي آهي،  سيلز ٽيڪس ۾ اضافي سبب عوام مهانگائيءَ جي هڪ نئين طوفان کي منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم سيڪريٽريٽ قومي اسيمبلي مان بل منظوري بعد ايوان صدر کي منظوري لاءِ موڪليو هو، ايوان صدر جي ترجمان موجب صدر بل جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان کان 170 ارب جا اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو شرط رکيو هو، 115 ارب جا ٽيڪس اڳ ئي 14 فيبروري تي ايس آر او ذريعي لاڳو ڪيا ويا هئا، صدر جي باضابطه منظوري بعد باقي 55 ارب جي ٽيڪس قدمن کي لاڳو ڪيو ويندو،15 فيبروري تي ناڻي وزير آءِ ايم ايف شرطن تي مني بجيٽ پيش ڪئي هئي، جنهن ۾ جنرل سيلز ٽيڪس 17 کان 18 سيڪڙو ڪرڻ، لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 17 کان وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.