غوثپور (ن پ ا) ڪشمور پوليس ڪچي مان اغوا ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن کي بازياب نه ڪرائي سگهي. ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ اغوا ٿي ويل ٻن پوليس اهلڪارن سجاد جکراڻي ۽ عبدالجبار وسطڙو جي بازيابي لاءِ دراني مهر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو.پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو،واضع رهي ته گذريل ڏينهن دراني مهر ٿاڻي جي حد مان ڪشمور پوليس پاران گرفتار ڪيل نينگر واجد جي پلاند ۾ ٻن پوليس اهلڪار سجاد جکراڻي ۽ عبدالجبار  وسطڙو کي اغوا ڪيو ويو هو. ڏوهارين اهلڪارن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي هئي جيڪي ايس ايس پي ڪشمور کي نينگر آزاد ڪرڻ ۽ بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪري رهيا هئا.