غزه تي اسرائيلي فورسز جي بمباري جاري، شهيد فلسطينين جوانگ 3هزار کان وڌي ويو

0
160

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غزه تي اسرائيلي فورسز جي بمباري جاري، شهيد فلسطينين جوانگ 3هزار کان  وڌي ويو، 6 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

 اسرائيل طرفان غزه تي هوائي، سامونڊي ۽ زميني حملن جون به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اسرائيلي فوج چيو آهي ته دهشتگردي جي پاڙ اکيڙڻ جو وقت اچي ويو آهي

حماس اسرائيل کي غزه تي زميني ڪارروائي کان خبردار ڪندي تيارين جي نئين وڊيو جاري ڪري ڇڏي، حزب الله جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل شيخ نعيم قاسم موجب جهڙي طرح خطي مان داعش کي ختم ڪيو، اهڙو انجام اسرائيل جو ٿيندو

 ڊبيلو ايڇ او پاران فلسطينين کي غزا ڇڏڻ واري اسرائيلي حڪم  جي مذمت ڪئي وئي آهي، ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته اسپتالن ۾ موجود مريضن کي ڪڍڻ تي مجبور ڪرڻ موت جي سزا هوندي

 گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل پاران غزا جو بند ڪيل پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي، ايرو اين جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني موجب هن وقت 2 ملين ماڻهن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي، فوري طور غزه ۾ پاڻي فراهمي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

هڪ به فلسطيني غزه نه ڇڏيندو، آمريڪي ۽ اسرائيلي ڳٺ جوڙ کي ناڪام بڻائينداسين: حماس