هڪ به فلسطيني غزه نه ڇڏيندو، آمريڪي ۽ اسرائيلي ڳٺ جوڙ کي ناڪام بڻائينداسين: حماس

0
196

ڪراچي (م ڊ) حماس چيو آهي ته هڪ به فلسطيني غزه نه ڇڏيندو، سمورن فلسطينين جو فيصلو آهي ته هو پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهندا، آمريڪي ۽ اسرائيلي ڳٺ جوڙ کي ناڪام بڻائينداسين

حماس سربراهه اسماعيل هانيه واضح ڪيو آهي ته  ڪو به فلسطيني مصر هجرت نه ڪندو، مصر اسان جو مسلم بردار ملڪ ۽ مصري اسان جا ڀائر آهن پر مصر ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي

هن جو چوڻ هو ته مڙني فلسطينين جو اهو ئي فيصلو آهي ته  هو پنهنجو ملڪ نه ڇڏيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهندا، فلسطينين کان زبردستي سرزمين خالي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائينداسين

هي به پڙهندا

 پاڪستان فوري طور تي فلسطينين جي مدد لاءِ تيار آهي: نگران پرڏيهي وزير