سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، بي ايل اي جو ڪمانڊر ساٿي سميت مارجي ويو

0
298
سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، بي ايل اي جو ڪمانڊر ساٿي سميت مارجي ويو
سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، بي ايل اي جو ڪمانڊر ساٿي سميت مارجي ويو

سڪيورٽي فورسز جي هڪ وڏي ڪامياب ڪارروائي، بلوچستان لبريشن آرمي عبدالمجيد برگيڊ جو ڪمانڊر ساٿي سميت مارجي ويو

 سڪيورٽي فورسز بندش پيل تنظيم بي ايل اي خلاف انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران عبدالمجيد برگيڊ  جو اهم ڪمانڊر صدام حسين مسلم ساٿي سميت مارجي ويو

 اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگرد صدام گرو ۽ جبار  جي نالن سان به ڄاتو سڃاتو ويندو هو، فورسز جي آپريشن  دوران صدام حسين  سان گڏ مارجي ويل سندس ساٿي  جي سڃاڻپ مقصود جي نالي سان ٿي، آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو

اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگرد صدام حسين 2008ع ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ جو حصو بڻيو، سندس خلاف گوادر ۽ تربت  ۾ اڻ ڳڻيا  ڪيس داخل آهن ۽ هو ڪيچ ضلعي ۾ تخريبڪاري جا ڪيترائي سيل به هلائي رهيو هو