رحيم يار خان ۾ غيرقانوني طور سرحد پار ڪندڙ ڀارتي نوجوان کي رينجرز حراست ۾ وٺي ڇڏيو

0
226

رحيم  يار خان ۾ غيرقانوني  طور تي سرحد پار ڪندڙ ڀارتي نوجوان کي رينجرز حراست ۾ وٺي ڇڏيو، رينجرز ترجمان موجب 17 سالن جي ڀارتي شهري بپن رات کي ان وقت حراست ۾ ورتو ويو

جڏهن هو ڀارتي رياست راجستان کان پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيو، 17 سالن جي بپن کي پڇا ڳاڇا بعد وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اسلام ڳڙهه ٿاڻي تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

 پوليس فارنر ايڪٽ 1946ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، شروعاتي جاچ موجب ڀارتي شهريءَ جي تلاشيءَ دوران وٽانئس 110 ڀارتي نوٽ هٿ آيا، بپن رات پٽ متلو جو تعلق راجستان صوبي جي ايم پي علائقي سان آهي