ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اڏام جاري :  208000 رپين تي پهتو ، جڏهن ته ڊالر 277 رپين تي برقرار رهيو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 6000 رپيا واڌ سان 202000 مان 208000 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي  20 رپيا اضافي سان 2600 مان 2620 رپين تي پهتي، ٻئي طرف  پائونڊ 346 ۽ يورو 292 رپين تي بيٺل رهيا