اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه، وفاقي وزير شازيه  مري ملاقات ڪئي، شازيه مري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن بابت وزيراعظم کي آگاهي ڏني، وزيراعظم کيس هدايت ڪندي چيو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي واري وزارت، ناڻي ۽ صنعت پيداوار وزارت جي تعاون بعد جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي طور پٺتي پيل طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه، کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي.