يروشيلم (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم پارليامينٽ ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽن سالن دوران اسرائيل ۾  هي پنجون پارلياماني چونڊون هونديون، ان معاملي تي اسرائيلي پارليامينٽ ۾ ووٽنگ ايندڙ هفتي ٿيندي، آمريڪي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم چيو ته حڪومت ختم ڪرڻ جو فيصلو آسان نه هو پر ملڪ لاءِ اهو فيصلو ضروري آهي، اسرائيل ۾ عام چونڊون هلندڙ سال جي آخر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.