عورت 2 سالن دوران 136 ڪلو وزن گهٽائي حيران ڪري ڇڏيو

0
386

واشنگٽن (دلچسپ نيوز) عورت 2 سالن دوران 136 ڪلو وزن گهٽائي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ ليڪسي ريڊ نالي عورت جو وزن 2016 ۾ 220 ڪلو ٿي ويو، عورت جي جسماني حالت خراب ٿيڻ بعدهن پاڻکي بدلائڻ جوفيصلوڪيو، ليڪسي ٻاهر جو کاڌو ۽ سافٽ ڊرنڪس بند ڪري گهر جو کاڌو واپرايو، عورت هفتي ۾ 5 ڏينهن ورزش ڪرڻ لڳي، جم وڃڻ به شروع ڪري ڏنو،ليڪسي ناشتي ۾ اٻاريل بيضا، مانجهاندي ۾ مڇي ۽ سلاد جو استعمال ڪيو، رات جي ماني ۾ چڪن سينڊوچ ۽ ڳڙ کائڻ لڳي جنهن جو اثر شروع ٿيو، ليڪسي جو وزن ٻن سالن دوران 136 ڪلو گهٽجڻ تي ڀاتي حيران ٿي ويا.