ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 79 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

0
271
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا وار جاري آهن، ڪورونا وڌيڪ 79 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، جنهن بعد وبا وگهي فوتين جو مجموعي انگ 18 هزار 149 ٿي ويو، 24 ڪلاڪن دوران وبا جا 4 هزار 213 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 45 هزار 954 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، ڪورونا جا مثبت ڪيسز جي شرح 9.16 سيڪڙو رهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن ۾ 5842 مريض صحتياب ٿي ويا، جيڪو مجموعي تعداد 7 لک 28044 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي انگ 285626 آهي جڏهن ته 4667 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ مريضن جو انگ 306929 آهي ۽ 8572 ماڻهو فوت ٿي چڪا، ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 120064 آهي ۽ 3392 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 76209 آهي ۽ هيل تائين 691 مريض فوت ٿي چڪا آهن.