عوام کي بجلي جو جهٽڪو: 4 مهينن ۾ 76 ارب ڏيڻا پوندا: ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

0
179

اسلام آباد: مهانگائي جي ور چڙهيل عوام لاءِ هڪ ٻي بُري خبر آهي ته وفاقي ڪابينا بجلي بلن جي مد ۾ 76 ارب رپيا اوڳاڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي جي صارفين کان ايندڙ 4 مهينن ۾ اضافي اوڳاڙي ڪئي ويندي، اها رقم پاور هولڊنگ ڪمپني جي قرض تي وياج جي صورت ۾ جمع ڪئي ويندي جڏهن ته ان حوالي سان سمري جي سرڪيوليشن ذريعي وفاقي ڪابينا کان ڪابينا ڊويزن منظوري ورتي

مارچ کان جون 2023ع دوران صارفين کان اضافي سرچارج وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته بجلي جي صارفين کان 3 رپيا 39 پئسا في يونٽ اضافي سرچارج وصول ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

سنڌ سرڪار پاران 17 فيبروري کان سکر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز جو احتجاج