لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آئون روس کان سستو تيل وٺڻ ويس، واپس آيس ته ان وقت جي آرمي چيف يعني 22 هين گريڊ جي آفيسر يوڪرين حملي تي روس جي مذمت ڪري ڇڏي، عمران خان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ جيستائين انصاف قائم ناهي ٿيندو، ان وقت تائين خوشحالي ناهي ايندي، ننڍي چوري سان ملڪ تباهه ناهن ٿيندا، جڏهن وڏا وزير، وزيراعظم، حڪمران ۽ حيثيت وارا ماڻهو چوري ڪندا آهن ته ملڪ ختم ٿي ويندا آهن، هن چيو ته جيستائين قانون جي حڪمراني ناهي ايندي، جمهوريت به ناهي ايندي، قانون جي بالادستي جو مطلب  جمهوريت آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته آئين چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻي آهي پر سڀ گڏجي چون ٿا ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن نه ٿي، بهانو ڪري رهيا آهن ته پيسا ناهن. عمران خان چيو ته مديني جي رياست ۾ پهرين عدل ۽ انصاف آيو، خوشحالي بعد ۾ آئي، ٻئي وڏي شئي خودمختياري آهي، اسان ٻين جي پرڏيهي پاليسي جي ڪري پنهنجو ملڪ تباهه ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شرڪت ڪئي، آمريڪا کي خوش ڪرڻ ۽ ٿورن ڊالرن لاءِ پنهنجا 80 هزار ماڻهو مارايا، ان جي نتيجي ۾ ڪوبه فائدو نه ٿيو، فائدو صرف انهن ڪجهه ماڻهن کي ٿيو، جيڪي مٿي ويٺا هئا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان روس سان سٺا لاڳاپن جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کان سستي ڪڻڪ وٺڻ چاهي،  روس ۽ يوڪرين جنگ سبب تيل جي قيمتن ۾ فوري طور اضافو ٿي ويو، پيوٽن کي چيو ته ڀارت وانگر اسان کي به سستو تيل ڏيو پر دوري تان واپس آيس ته آرمي چيف چيو روس جي مذمت ڪريو، ڇاڪاڻ روس يوڪرين تي حملو ڪيو آهي. عمران خان اڳوڻي آرمي چيف جي حوالي سان چيو ته مون باجوه کي سمجهايو ته ڀارت ته مذمت نه ٿو ڪري جيڪو آمريڪا جو اتحادي آهي، انڪري اسان غيرجانبدار رهون، جنهن بعد اسانجي آرمي چيف يعني 22 گريڊ جي آفيسر سيڪيورٽي جي هڪ سيمينار ۾ پاڻ روس جي مذمت ڪئي، اسان روس کان سستو تيل وٺي رهيا هئاسين ۽ هن آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ روس جي مذمت ڪئي. عمران خان چيو ته ٽئين شئي پنهنجي ڪمزور طبقي جي حفاظت ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، جنهن کي فلاحي  رياست چوندا آهن، جتي ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ الڳ قانون آهي، ان ملڪ جو ڪوبه مستقبل نه آهي.