عمل جي واٽ ڀلجي ويل نيشنل ايڪشن پلان

0
97
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

توڙي جو حڪمران دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جون دعوائون ڪندا رهن ٿا، پر دهشتگرد اهڙا ته نئود آهن، جو چٻي چيلهه سان به دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري ٿا وڃن. سيڪيورٽي ادارن طرفان دهشتگردن خلاف آپريشن به جاري آهي ته گڏوگڏ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون به جاري آهن. شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو ڪو ننڍو وڏو واقعو نه ٿيندو هجي، خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا دهشتگرديءَ جا وڌيڪ سٽيل صوبا آهن. دهشتگرديءَ جو تازو واقعو ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ ٻن مختلف هنڌن تي پوليس وين ويجهو ٿيل ڌماڪي ۽ فائرنگ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن ۽ شهرين جو تعداد 21 رپورٽ ٿيو آهي. شروعاتي رپورٽ موجب ڌماڪيدار مواد موٽرسائيڪل ۾ رکيو ويو هو.

هن ملڪ کي ايترو نقصان غيرن به ناهي پهچايو، جيترو حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ٿيو آهي. دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ جي نالي ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي مفادن جي جنگ وڙهي هن ملڪ کي دهشتگرديءَ جو ميدان بڻايو ويو. اسان صرف آمريڪا جا غير نيٽو اتحادي هجڻ واري نالي ۾ نهال رهياسين. هن وقت هي ملڪ عالمي طاقتن جي مفادن جي ويڙهه جو ميدان بڻيل آهي. دهشتگردي آهي، جنهن جو ڇيهه ٿيندي نظر نٿو اچي. اسان اڳ ۾ هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته جيستائين دهشتگرديءَ جون نرسريون هن ملڪ مان ختم نه ڪيون وينديون، تيستائين دهشتگرديءَ جو خاتمو ممڪن نه آهي. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ آپريشن ته هلن پيا، ڪڏهن ڪهڙي نالي سان ته ڪڏهن ڪهڙي نالي سان، پر اسان کي اهو چوڻ ڏيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي جي حوالي سان حڪومتي ڪوششون ته نظر اچن ٿيون پر گهربل سنجيدگي نظر نٿي اچي. جيڪڏهن سنجيدگي هجي ها ته نيشنل ايڪشن پلان، جنهن جي جوڙجڪ 9 سال اڳ ۾ ٿي هئي، ان تي عمل ضرور ٿئي ها ۽ ان جو لاڀ به هيستائين ضرور نظر اچي ها. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واري سانحي کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف قومي بيانيو جوڙڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي جوڙجڪ جنوري 2015ع ۾ ٿي، ان 20 نقاطي نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل نه ڪيو ويو آهي. نيشنل ايڪشن پلان جو اهم نقطو نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي (نيڪٽا) کي فعال بنائڻو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 9 سال گذرڻ باوجود اهو فعال نه ٿي سگهيو آهي. نيشنل ايڪشن پلان موجب دهشتگرد تنظيمن جي مالي معاونت کي روڪڻو آهي. ظاهر آهي ته جيستائين دهشتگرديءَ لاءِ آڪسيجن بڻيل مالي معاونت جو خاتمو نه ٿيندو، جيڪا ان جي لائف لائين آهي، تيستائين دهشتگردي گهٽجي نه سگهندي. نيشنل ايڪشن پلان ۾ ته بندش پيل تنظيمن تي نالا بدلائي ڪم ڪرڻ کان انهن کي روڪڻو آهي پر ان نقطي تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي. ڪيتريون ئي بندش پيل تنظيمون جوڻ مٽائي نئين روپ ۽ نالن سان ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن جي رستي روڪ نٿي ڪئي وڃي. ان کانسواءِ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن وارو نقطو پڻ نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي پر ان اهم نقطي تي به عمل کان گوٿناٿ ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ دهشتگردن جو ڪميونيڪيشن نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو نقطو پڻ نيشنل ايڪشن پلان ۾ شامل آهي. وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته دهشتگرديءَ جي ڪميونيڪيشن نيٽورڪ کي ختم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، ان کي چئلينج ڪرڻ جو به ثبوت گهٽ ٿو ملي. نيشنل ايڪشن پلان ۾ بلوچستان ۾ مفاهمت واري ڳالهه پڻ ڪيل آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته بلوچستان جو بنيادي مسئلو سياسي آهي ۽ مسئلا محاذ بدران ميز تي حل ڪرڻ گهرجن. بلوچ قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گهڻيون آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري حڪومت واقع به بلوچستان ۾ مفاهمت لاءِ سنجيده آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي ان نقطي تي ضرور عمل ٿيڻ گهرجي. ٻيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ ڪرمنل جسٽس سسٽم جي نئين سر جوڙجڪ وارو نقطو پڻ شامل آهي. ان تي به اڳڀرائي نه ٿي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي ته دهشتگردي ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪهڙيون رڪاوٽون آهن جو 9 سال گذرڻ باوجود نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طرح عمل ممڪن بڻجي نه سگهيو آهي. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون وڃن ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. جڏهن عمل ناهي ڪرڻو ته پوءِ نيشنل ايڪشن پلان آخر جوڙيو ڇو ويو آهي؟