ڪوئيٽا /راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي پسني ويجھو دهشتگردن جي حملي ۾ 14 فوجي سپاهي شهيد ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ آءِ ايس پي آر موجب پسني کان اورماڙا ويندڙ پاڪ فوج جي ٻن گاڏين تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز جي گاڏين تي لڪي ويٺل دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 14 سپاهي شهيد ٿي ويا آهن.  واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب هن ڪڌي عمل ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. اسان جي بهادر سپاهين جي قرباني اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. هوڏانهن سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر، پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين شخصيتن بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي جٿي تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وڏي وزير مقبول باقر چيو ته 14 فوجي اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ تي دلي ڏک پهتو آهي، فورسز تي حملو هر لحاذ کان مذمت جوڳو آهي. حملو ڪندڙ دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيوته فورسز تي حملو ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن، ملڪ دشمنن خلاف عبرتناڪ ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آيه ته بلوچسان ۾ جيڪي جوان شهيد ٿيا آهن ان واقعي تي افسوس آهي. دهشتگرد پنهنجي مقصد ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا. هوڏانهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي واقعو ملڪ دشمنن جي سازش آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ دشمنن کي پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. آصف زرداري پڻ پاڪ فوج تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 14 جوانن کي خراج پيش ڪريون ٿا. دهشتگردن لڪي وار ڪيو آهي، جيڪا بزدلاڻي ڪارروائي آهي. پاڪ فوج جي جوانن جي قرباني ضايع نه ويندي. دهشتگردي هڪ ناسور آهي، ان کي پاڙان پٽي ڇڏڻو پوندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي هر دور ۾ انتهاپسندي ۽ نفرت واري سوچ خلاف جدوجھد ڪئي آهي.