عمر ڪوٽ ۾ ميگهواڙ ۽ اوڏ برادري پ پ خلاف ڌار ڌار پينل جوڙي ورتا

0
445
عمر ڪوٽ ۾ ميگهواڙ

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ ميگھواڙ برادري ۽ اوڏ برادري الڳ الڳ پينل آڻي ڇڏيا، خبر موجب عمرڪوٽ ۾ گذريل رات بيراڻي هائوس تي عمرڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن جي ميگھواڙ برادري جي معزز شخصيتن جو ڪٺ ٿي گذريو، ڪٺ ۾ اڳواڻن سيٺ پرمانند سرتاڻي، مدن گوپال بيراڻي، صابورام ميگھواڙ ۽ ٻين ميگھواڙ آزاد پينل جوڙي چونڊن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو

  مختلف وارڊن ۾ جتي ميگھواڙ برادري جو اڪثريتي ووٽ آهي اتي آزاد حيثيت سان اميدوارن کي بيهاريو ويندو. ميگھواڙ برادري  پاران جوڙيل پينل “ميگھواڙ آزاد پينل” جي اڳواڻ مدن گوپال بيراڻي سان رابطو ڪرڻ تي چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ميگھواڙ برادري جو 95 سيڪڙو دعويدار ووٽ پيپلزپارٽي ڏانھن وڃي ٿو پر افسوس پيپلزپارٽي ميگھواڙ برادري کي ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن ۾ هڪ به ٽڪيٽ ڪونه ڏنو آهي جنھن جي ڪري اسان جي برادري ۾ مايوسي ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي

هن چيو ته عمرڪوٽ جي مختلف وارڊن ۾ ميگھواڙ برادري جي اڪثريتي ووٽ هجڻ باوجود نظرانداز ڪري چند ووٽن تي ٻڌل برادري جي ماڻهن يا ٻين وارڊن جي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏئي اسان جي دل آزاري ڪئي آهي انڪري اسان ميگھواڙ آزاد پينل تي ڇھ وارڊن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن. هن چيو ته اسان ڪنھن به پارٽي جي خلاف ناهيون، اسان جي برادري جي عزت جو سوال آهي

هن وڌيڪ چيو ته اسان ذات پرستي کي گار سمجهون ٿا پر اسان کي مجبورن اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو ۽ اسان مختلف وارڊن ۾ پنهنجي ذات جي ماڻهن وٽ روزاني جي بنياد تي ڪارنر گڏجاڻيون ڪري پنهنجي ذات جي ماڻهو کي قسم ڏئي به ووٽ ميگھواڙ آزاد پينل تي ڏيڻ تي مجبور ڪيون پيا. هوڏانهن اوڏ برادري جون گڏجاڻيون ٿيون آهن جنهن ۾ پڻ اهو فيصلو ڪيو آهي ته عمرڪوٽ جي 14 وارڊن ۾ پنهنجا آزاد پينل جي حيثيت سان اميدوار بيهاري پيپلزپارٽي خلاف ووٽ ڪندا

جڏهن ته هر وارڊ تي آزاد اميدوارن جو به انگ وڏو آهي جيڪو پ پ جو ووٽ ٽوڙيندو. اوڏ برادري جي اڳواڻن ميرچند جيتاڻي، ڀاڳچند اوڏ ۽ ٻين چيو ته اسان جي وڏن کان وٺي اسان پ پ ۾ رهيا آهيون عمرڪوٽ شهر ۾ اوڏ برادري جي وڏي اڪثريت آهي پر هن ڀيري پيپلزپارٽي جي قيادت اسان کي نظرانداز ڪري ٽڪيٽون نه ڏيڻ اهو سراسر اسان کان ناانصافي ڪئي آهي، پر هن ڀيري اسان پنهنجا الڳ آزاد اميدوار 14 وارڊن ۾ بيهاري ڇڏيا آهن

هنن چيو ته اسان جا بيهاريل اميدوار ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻندا. هنن چيو ته پيپلزپارٽي ۾ نئون جيڪو ايندو آهي انکي ٽڪيٽ ڏنو ويندو آهي باقي پراڻن جيالن، قربانيون ڏيندڙن جي ڪوئي عزت ۽ ٽڪيٽ ناهي ۽ اسين پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ٿا ڪيون ته عمرڪوٽ ۾ ٿيندڙ اسان اڪثريتي ووٽ رکندڙ برادري سان انصاف ڪيو وڃي نه ته اڳتي هلي نتيجا خراب نڪرندا

ھي به پڙھندا

فنڪشنل ليگ اڳواڻ جا رٽرننگ آفيسر تي سنگين الزام